پٺاڻ مولوي عبدالعزيز

پٺاڻ، مولوي عبدالعزيز: مولوي عبدالعزيز ولد مولانا فقير محمد پٺاڻ، پهرين آگسٽ 1951ع تي ڪنڌ ڪوٽ ۾ ڄائو. هن پنهنجي والد ۽ استاد مظهرالدين انڍڙ کان تعليم حاصل ڪئي. قرات جو علم قاري عبدالقادر لغاري ۽ قاري محمد علي مدنيءَ کان سکيو. سرڪاري اسڪول ۾ صرف پنج درجا پڙهيو، باوجود اُن جي هڪ بهترين اديب جي حيثيت سان ٽي ڪتاب: (1) تحفته الحجاج، (2) توحيد (3) امام حسين جا فضائل لکي شايع ڪرايائين. 7 حج ڪيائين. هن وقت مسجد نوراني ڪنڌڪوٽ جو پيش امام ۽ مدرسه احياء العلوم حماديه ڪنڌڪوٽ جو صدر آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو